ڪي پي ۾ پاڻي لنگهن تان آباديون هٽائڻ جو اعلان

سوات (م ڊ) خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٻيهر تعمير ڪيا ويندا ۽ جيڪي ڳوٺ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن جي رستن تي آباد آهن، انهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري نيون وسنديون قائم ڪبيون.سيلاب متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جن ماڻهن جو جيترو نقصان ٿيو آهي، حڪومت مڪمل ازالو ڪندي. ٻوڏ جي تباهيءَ جو 100 سيڪڙو مقابلو ڪنداسين،”پهريان عوام جي مالي نقصان جو ازالو ڪنداسين، پوءِ سرڪاري املاڪ جي مرمت ڪئي ويندي.”وزيراعليٰ ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ سڀني صوبن جي وڏن وزيرن رابطو ڪري تعاون جي آڇ ڪئي آهي.وفاقي حڪومت اسان لاءِ ڪجهه ڪري احسان نه ڪندي، هي وفاق جي ذميواري آهي.”فوج به امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي ۽ وڌيڪ ٻه هيلي ڪاپٽر به فراهم ڪيا ويا آهن.وزيراعليٰ چيو ته ماڻهن سالن کان ندي نالن جي قدرتي رستن تي گهر ۽ دڪان تعمير ڪيا آهن، جڏهن پاڻيءَ لاءِ گنجائش نه رهي ٿي ته اهو ٻاهر نڪري تباهي آڻي ٿو.علي امين گنڊاپور ٻڌايو ته بونير ۾ وچ شهر ۾ هڪ غيرقانوني مارڪيٽ هئي، جنهن کي هٽائڻ تي عدالت مان اسٽي آرڊر اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.