27هين ترميم تي في الحال مشاورت ناهي ٿي:عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزيراطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته ٽي وي تي اشتهارن تي قائداعظم ۽ علامه اقبال جون تصويرون لڳلهيون،باقي اخبارن ۾ 14 آگسٽ واري اشتهار ۾ قائداعظم جي تصوير نه هڻڻ تي پي ٽي آءِ اشو بڻائي ڇڏيو آهي،هڪ پرنٽ ايڊ تي اشتهار انڪوائري ٿي رهي آهي ٿيندي رهندي،ان تي پي ٽي آءِ پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي برسات بابت اڳ ۾ ڪي پي،گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومتن کي وارننگ ڏني هئي،وفاق ڪي پي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي،علي امين گنڊاپور به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي،ٻوڏ معاملي تي سياست ڪئي آهي نه ڪنداسين،هن چيو ته 27هين ترميم تي في الحال مشاورت نه  ٿي آهي ڪنهن به سطح تي ان تي بحث ناهي ٿيو،26 هين ترميم تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيو،قانون واري وزارت ۾ ان تي صلاح مشاورت ٿي،ان ترميم جي منظوري ۾ پي ٽي آءِ جو ڪردار هو،هن چيو ته سي سي اجلاس ۾ اين ايف سي جو معاملو آيو ته پوءِ اتي بحث ٿي سگهي ٿو،واپاري برداري جي مطالبن تي غور ڪيو ويندو آهي،اين ايف سي ايوارڊ بابت ايس ايم تنوير جي راءِ جو احترام آهي،پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.