طاقتور هوائون سنڌ ۾ داخل، گجگوڙ سان وسڪاري جي اڳڪٿي، شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر/بيورو/م ڊ) سنڌ ۾ طاقتور چوماسي هوائون داخل ٿيڻ بعد اڄ کان نئين برساتي سلسلي جي شروعات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 17 کان 19 آگسٽ تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وقفي وقفي سان برساتون پونديون. ڪراچي ۾ موسم جهڙالي رهندي، جڏهن ته اڄ وچولي ۽ سڀاڻي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي سگهي ٿي. شهر ۾ 23 آگسٽ تائين برساتن جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو، جنهن دوران 2 ڀيرا تيز برساتن جا اسپيل ايندا، اربن فلڊنگ جو خطرو آهي. موسميات کاتي موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهداڪوٽ، ڪشمور، دادو، ميرپورخاص، سانگهڙ، حيدرآباد، ٺٽو، بدين ۽ ٿرپارڪر سميت مختلف ضلعن ۾ وچولي کان تيز برسات ۽ ڪٿي ڪٿي گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي. گڊو ۽ سکر بئراج تي هيٺئين سطح جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي صورتحال معمول موجب آهي. پي ڊي ايم اي سنڌ ضلعي انتظامين کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، بجليءَ جي پولن ۽ ڪمزور اڏاوتن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اڄ خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اٿارٽي موجب خيبرپختونخوا جي اترين ضلعن چترال، دير، سوات، ڪلام، مانسهره، بٽگرام، ايبٽ آباد ۽ هري پور ۾ برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي. مردان، صوابي، پشاور، نوشهرا، ڪوهاٽ ۽ ڏکڻ ضلعن بنون، لکي مروت، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ به چاڙهه جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، قصور ۽ اوڪاڙا سميت اتر ۽ مرڪزي پنجاب ۾ تيز برساتن سان شهري ۽ هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي سگهن ٿا. درياهه راوي، ستلج ۽ جهلم ۾ چاڙهه جو انديشو آهي. بلوچستان جي اتر ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ به سخت برساتن ۽ ٻوڏ جو خطرو ڄاڻايو ويو آهي. اين ڊي ايم اي شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، گاڏيون محفوظ هنڌن تي رکڻ، ڪمزور اڏاوتن ۽ بجليءَ جي پولن کان پري رهڻ ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مقامي انتظاميه کي مشينري ۽ پمپس الرٽ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.