اسلام آباد (م ڊ) سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ ۽ چشما بيراج تي وچولي سطح جي ٻوڏ، جڏهن ته تربيلا ۽ تونسا بيراج تي هيٺانهين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ٿي آهي. درياهه ستلج ۾ گنڊا سنگھ والا وٽ به هيٺانهين سطح جي ٻوڏ موجود آهي، پر درياهه چناب، جهلم ۽ لاڳاپيل نالن ۾ وهڪرا معمول موجب آهن. رپورٽ موجب تربيلا ڊيم 96 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 67 سيڪڙو ڀرجي ويا آهن. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته برساتن جي تسلسل سان پاڻيءَ جا ذخيرا وڌي سگهن ٿا.