ٺٽي ۾ ڊمپر موٽر سائيڪل سوار ڪُٽنب مٿان چڙھي ويو، 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ۾ ھانءُ ڏاريندڙ حادثو، ٺٽو سجاول روڊ تي ڊمپر موٽر سائيڪل سوار ڪُٽنب مٿان چڙھي ويو، معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ڊمپر ڊرائيور گرفتار ٿيويو، ٺٽي شھر جي باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ قاسم شاھ واسي ارشاد ولد منا شاھ، ڪارو ولد اعجاز شاھ ۽ شھناز ڌيءَ امير شاھ طور ٿي آھي، اطلاع تي حادثي واري جاءِ 1122 ۽ ايڌي ايمبولينس ذريعي ريسڪيو ڪري فوتين جا لاش سول اسپتال مڪلي آندا ويا، جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا لاش ٺٽو پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ٺٽو پوليس ڪارروائي ڪندي ڊمپر کي تحويل ۾ وٺندي ڊرائيور ميلا خان ولد مروت خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته حادثي ۾ موٽر سائيڪل مڪمل طور ٽٽي تباھ ٿي وئي، ياد رھي ته ڪجھ ڏينھن اڳ ساڳئي ھنڌ تي ٺٽي جي رھواسي ٽن موٽر سائيڪل سوار نوجوانن مٿان ڊمپر چڙھي ويو ھو، جنھن ۾ جاکرا برادري جا 2 نوجوان ۽ ھڪ بروھي برادري جو نوجوان زندگي وڃائي ويٺا ھئا، ٻئي پاسي مقامي رھواسين پاران پھلوان محمد بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ ٺٽو، سجاول روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مقامي رهواسين چيو ته ھتي ڊمپرن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اھي روز حادثا ڪري انساني جانيون پيا ضايع ڪن. ھنن چيو ته حادثو ڪندڙ ڊمپرن وارو حادثو ڪري فرار ٿي ويو ھو، جنھن کي به ڳوٺاڻن وڏيون ڪوششون ڪري پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آھي. ھنن گھر ڪئي ته  ڳرن ٽرالرن خلاف ڪاروائي ڪري کين شھر اندران اچ وڃ تي پابندي مڙھي حادثن تي ڪنٽرول ڪري لاپرواھي ڪندڙ ڳرن ٽرالرن جي ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.