نوابشاهه(عوامي آواز نيوز)لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميده ڏاهري تي ڦر جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڏاهري برداري جي عورتن نوابشاهه ۾ احتجاج ڪيو،آرزو سنڌي چيو ته حميده ڏاهري تي بااثر زميندارن ڦر جو ڪيس داخل ڪرايو آهي،اسان انهن بااثرن کي چئون ٿا ته توهان ڪنهن عورت تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪانڀو خان ٿا سمجهو،هڪ ڀيڻ پنهنجي قيد ٿيل ڀاءُ جي حق لاءِ نڪتي آهي،اسماعيل ڏاهري اهو مرد آهي جيڪو ننگن ۽ دنگن تي سر ڏيڻ وارو آهي،اڄ هن جون ڀينرون روڊن رستن تي آهن ته ڪير سهارو ڏيڻ ناهي آيو،هن چيو ته حميده ڏاهري کي جنهن موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن انهن کي چئون ٿا ته تون به هتي اسان به هتي آهيون،حميده ڏاهري چيو ته زندگي کي خطرو آهي،وري ڪيس داخل ڪرايو اٿن،منهنجي ڀاءُ تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو،هاڻي اسان عورتن کي به عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي،اسماعيل ڏاهري جي لاڙڪاڻي جيل ۾ طبيعت خراب آهي،کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي،هاڻي اسان روڊن تي هونداسين پوءِ پوليس کي به موڪل آهي ۽ جيڪي وڏيرا آهن انهن کي به موڪل آهي،هن چيو ته نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مسلسل اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري رهي اهي،هڪ ناليواري چور ڌاڙيل معشوق جي چوڻ تي اسان تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي،هراسان ڪيو پيو وڃي،پوليس آفيسر مٺل سولنگي ۽ اصغر اعواڻ بااثرن جي هشي تي اسان تي ظلم پيو ڪري،آصف زرداري،بلاول،آصفه ڀٽو،فريال ٽالپر کي اپيل ٿا ڪريون ٿا ته امام حسين جي صدقي ۾ اسان جي ڀاءُ کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي،فريده ڏاهري چيو ته معشوق اسان کي ڌمڪيون پيو ڏئي،هو چوي ٿو ته کيس رئيس خان ۽ بهادر چيو آهي ته اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن کي ماري ڇڏيو