اوٽاوا/ڪراچي(حنيف دوامي)سنڌ ڪابينا جي حوالي سان تبديلي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،بلاول هائوس ۽ زرداري هائوس تي ايم پي ايز جي رش لڳل آهي،پارٽي ذريعن مطابق هالار وساڻ کي وزارت،منظور وساڻ کي ناڻي جو مشير بڻايو پيو وڃي،فياض ٻٽ ،پارس ڏيرو،ٿاڻي بولاخان جي بي تاج بادشاهه ملڪ اسد سڪندر جي پٽ پنهل عرف جونيئر ملڪ اسد کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي جڏهن ته شاهد عبدالسلام کان وزارت واپس ورتي پئي وڇي، شڪارپور جي مهر کي به وزارت سان نوازيو ويندو،ناصر شاهه کي بلديات وزارت ڏيڻ جون تياريون آهن جڏهن ته گهرو وزارت ۽ جيلن جي وزارتن ۾ تبديلي جو 50-50 سيڪڙو چانس آهي،ياد رهي ته 14 آگسٽ کانپوءِ سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جي حوالي سان ميڊيا ۾ خبرون به هليون هيون.