بيروت/لنڊن (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف برطانيا، سوئيڊن، فن لينڊ، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسٽاڪ هوم ۾ فلسطيني صحافين جي ياد ۾ مارچ ٿيو، جتي مظاهرين اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪرڻ ۽ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. برطانيا ۾ رائل ايئر فورس بيس آڏو هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو. آئرلينڊ ۾ صحت ورڪرن خاموشي مارچ ڪيو، جڏهنته فن لينڊ ۾ هٿيارن جي ڪمپني جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اسرائيل ۾ به هزارين ماڻهو حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا.