سياسي قيادت اختلافن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري: گيلاني

لاهور (م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سياسي قيادت اختلافن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري، جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي سلامتي لاءِ گڏ بيٺل آهي. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته وارث مير هڪ انقلابي ۽ جمهوري شخصيت هو، هن جيل مان نڪرڻ کانپوءِ ويڇا ختم ڪيا هئا. گيلاني چيو ته اسان ڀارت کي اڳ ۾ امن جي دعوت ڏني، پر ڀارت جي جارحيت جو ڀرپور جواب به ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.