غزا (عرب ميڊيا ) اسرائيل سرڪاري طور اعلان ڪيو آهي ته فلسطيني شهرين کي زبردستي اتر غزا مان ڪڍي ڏکڻ غزا ۾ منتقل ڪيو ويندو. هي اعلان تڏهن سامهون آيو جڏهن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتنياهو تازو ئي غزا تي مڪمل قبضي جو منصوبو ظاهر ڪيو.اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ فوجي ڪاررواين کي تيز ڪري ڇڏي آهي.رپورٽن مطابق اسرائيل هڪ ملين کان وڌيڪ فلسطيني شهرين کي جبري طور اتر کان ڏکڻ غزه منتقل ڪري رهيو آهياسرائيلي فوج تازو ئي غزه جي ال-عھلي اسپتال تي بمباري ڪري 7 فلسطيني شهيد ڪيا.فلسطيني وزارتِ صحت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 11 فلسطيني فوت ٿيا، جنهن سان اهڙين موتن جو انگ 251 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 108 ٻارڙا به شامل آهن.