ٽنڊو مير علي/ پير وسڻ (رپورٽ: تقي محمد ملاح/ منٺار علي سومرو) ٽنڊوميرعلي ڀرسان ڳوٺ دين پور۾ مهينواڳ جوڙي پاران پسند جي شادي کانپوءِ ڌرين ۾مسلسل ڇڪتاڻ برقرار، هڪٻئي تي حملن ۽ ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ مبينا طور حملي ۾ زخمي ڪيل عورت اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، فوتي عورت جي وارثن طرفان عورت کي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي ڌرڻو هنيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل رات مسلسل بيماررهندڙ شعيب ملاح جي ماءُ شگر وڌي وڃڻ سبب 3ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾داخل هجڻ کان پوءِ شگرڪنٽرول نه ٿيڻ سبب رات جو9 وڳي اسپتال ۾فوت ٿي وئي، عورت جي فوت ٿيڻ بعد محمد عظيم ملاح ۽ انجي پٽن صبح جولاش کڻي پيروسڻ ٿاڻي تي آڻي ڇوڪري سڄڻ بي بي جي وارثن محمد امين حافظ قمرالدين مٿان قتل جي الزام هڻي ايس ايڇ او پيروسڻ کي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو جنهن کانپوءِ ايس ايڇ اوهنن کي ليٽرڏئي پوسٽ مارٽم رپوٽ وٺي اچڻ کانپوءِ مخالف ڌرمٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو جنهن کانپوءِ هنن مڇرجي لاش مهراڻ هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو جنهن کانپوءِ ايس ايڇ اوپاران هنن سان ڳالهيون ڪري پوسٽ مارٽم رپوٽ اچڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري تي روڊکولرايو ويو جنهن کانپوءِ وارثن لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿيا، جڏهن ته محمد عظيم ملاح محمد راشد ملاح ساجد علي ملاح مختيار علي ملاح اوشاق ملاح ۽ ٻين چيو ته 3 مھينا اڳ اسان جي نوجوان شعيب ملاح ناري سڄڻ بي بي ڌيءَ قمر الدين ملاح سان پسند جي شادي لاڙڪاڻو ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي جنھن تي ناراض ٿي ناري جي وارثن قمر الدين ملاح ، ڪليم الله ملاح، بدرالدين ملاح، علم الدين ملاح ، حليم الله ۽ ٻين ٽي ڏينهن اڳ گھر تي حملو ڪري عورت غلام بانو ملاح کي شديد زخمي ڪيو ھو جيڪا سول اسپتال خيرپور ۾ علاج هيٺ هئي جيڪا زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي ، وارثن جو چوڻ آھي ته پيروسڻ پوليس گذريل رات کان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌرقمرالدين پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته مخالف ڌر عظيم ملاح جن اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري کيس هٿيارن جي زور تي اسان خلاف ڪوڙو ڪورٽ تي بيان ڏياريو ويو آهي، جڏهن ته هنن اسان سان زيادتي ڪئي آهي ان جو ڪوبه ازالو نه ٿيو آهي ويتر ڪوڙو ڊرامو ڪري اسان کي ڪيسن م ڦاسائڻ چاهين ٿا، وڌيڪ هن چيو ته غلام بانو کي شگر هئي جيڪا تمام وڌي وڃڻ سبب بي هوش ٿي وئي هئي جنهن کي سول اسپتال خيرپور کڻائي ويا جتي هو رات دير سان خبر پور اسپتال م ئي فوت ٿي وئي اسان هن مٿان ڪوبه تشدد يا ڌڪ ناهي هنيو، انصاف ڪيو وڃي.
-
پسند جي شادي ڪندڙ ڪنڊيارو واسي ڪراچي ۾ قتل
ڪنڊيارو (رپورٽ: ايم سومر گهانگهرو) ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ 20 ورهين جو نوجوان آريان مستوئي ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، ڪنڊيارو جي مولانا محمد قاسم سومرو جي رهواسي آريان مستوئي جي خانداني ذريعن موجب آريان مستوئي ڪجهه عرصي کان ڪراچي ۾ هڪ نجي ڪمپني ۾ گارڊ طور نوڪري ڪندو هو۔ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿي ويل نوجوان آريان مستوئي جي لاش کي ضروري ڪارروائي بعد ڪراچي مان اباڻي ڳوٺ ڪنڊياري ڀرسان لاکا موري آندو ويو جتي هن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته آريان مستوئي ڪجهه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو ۽ هو هڪ ننڍڙي پٽ جو پيءُ پڻ هو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي.