نظام 5 کان 10 سال هلندو، تڪرار ضرور ڪر کڻندو؟

اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) معاشي بحران جي حل جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته اسان ايندڙ 5 کان 10 سال معدنيات تي  ڪم ڪنداسين ۽ ملڪ مان غربت جو خاتمو آندو ويندو. هن چيو ته وٽن ان حوالي سان 5 کان 10 سالن جو پورو روڊ ميپ هو جنهن ۾ ملڪ کي ترقي ڏياري ويندي هئي. يعنيٰ سندن منصوبو 10 سالن جو آهي ته هي نظام ائين ئي هلندو. اهو بحث به هلي رهيو آهي ته نواز شريف کي 18هين ترميم، معدنيات، آمريڪا سان معاهدي تي اسٽيبلشمينٽ جا معاملا ڪيئن هلندا ان تي خدشا آهن. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان به خدشا هئا. نواز شريف جي ويجهي ذريعي ٻڌايو ته ايوان صدر، ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڏڦيڙ جي حوالي سان خبرون غلط آهن. اهو بيانيو حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف تيار ڪري رهيا آهن، اهي پي ٽي آءِ جا حامي ڪري رهيا آهن ته جيئن ڏڦيڙ پيدا ٿئي. ان ذريعي جي ابتڙ جيتوڻيڪ صدر آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا ٺيڪ ٿيندي نظر اچن ٿا پر 18هين ترميم ۽ معدنيات جا ايشو هڪ ڀيرو ضرور ڪر کڻندا. آرمي چيف، صدر ۽ وزيراعظم ڪيڏانهن نه پيا وڃن، هي نظام ايندڙ 5 کان 10 سال هلڻ وارو آهي. پي ٽي آءِ سان معاملا طئي ناهن ٿي رهيا. مستقبل ۾ تڪرار ضرور پيدا ٿيندو پر اميد آهي ته ان کي حل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.