حڪومت ڪير به ڪري، فرق نٿو پوي، ملڪي ترقي ضروري آهي: اياز صادق

لاهور(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق چيو آهي ته اها ڳالهه اهم نه آهي ته حڪومت ڪير ڪري رهيو آهي، اصل ضرورت ملڪ جي ترقي آهي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سردار اياز صادق چيو ته اسان جا ابا ڏاڏا جرمن ۽ جاپاني شيون استعمال ڪندا هئا، هاڻ وقت بدلجي ويو آهي ۽ اسان جي استعمال جون شيون به بدلجي ويون آهن. عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان صحيح رخ ۾ هلي رهيو آهي. اياز صادق چيو ته اسين 78 سالن کان دهشتگردي خلاف وڙهي رهيا آهيون، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ان کان اڳتي وڌجي. پاڪستاني معيشت تي هاڻ ڪو خاص دٻاءُ نه آهي، اسان وياج جي شرح کي گهٽائي 20 سيڪڙو کان 11 سيڪڙو تائين آڻي ڇڏيو آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته ڀارت فتنه خوارج جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان ان جو ڀرپور مقابلو ڪيو. اسين پهلگام واقعي جي مذمت  ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، جڏهن ته ڀارت اسان جو هڪ به جهاز نه ڪيرائي سگهيو. اياز صادق جو وڌيڪ چوڻ هو ته آزادي جي جشن تي جيڪي جذبا آهن، تن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.