ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي سميت ملڪ جي گهڻن حصن ۾ برساتون پوڻ جو امڪان آهي،پڌرائي موجب، مون سون جون هوائون بحيره عرب ۽ خليج بنگال مان ملڪ جي بالائي ۽ مرڪزي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جن جي ڪري 17 آگسٽ کان 22 آگسٽ تائين مختلف حصن ۾ برساتون متوقع آهن، ڪراچي، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، عمرڪوٽ، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ٽنڊي محمد خان ۾ به برسات جو امڪان آهي17آگسٽ کان مون سون جي هوا جي شدت وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن تحت 17 کان 22 آگسٽ تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔محڪمه موسميات چيو آهي ته 18 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ مون سون برساتن جو نئون اسپيل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي۔پنجاب ۽ ڪي پي: 17 کان 22 آگسٽ تائين لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، گجرات، راولپنڊي، ايبٽ آباد، مانسهره، پشاور، مردان، ملتان، بهاولپور، ڊي جي خان، جھنگ، فيصل آباد، سرگودها، ميانوالي، ڪوهاٽ ۽ بنن ۾ برسات متوقع آهي۔بلوچستان ۾بارکان، سبّي، موسى خيل، لسبيلو، خضدار، ژوب ۽ پنجگور ۾ پڻ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔