اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)هڪ تازو تحقيقاتي رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ موسمياتي تبديلي جي ڪري برساتن ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سيلاب به اڳ کان وڌيڪ تباهه ڪن بڻجي ويا آهن۔پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليون تيزي سان هڪ سنجيده مسئلو بڻجي رهيون آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف حصن تي الڳ الڳ اثر ڇڏين ٿيون۔ماهرن موجب گرمي پد ۾ اضافو، برساتن جي نموني ۾ تبديلي، سيلاب ۽ هماليه سميت ٻين گليشيئرز جو پگهرجڻ، اهي سڀئي وڏا چئلينج آهن جن کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي۔پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن۔گذريل هڪ صدي دوران پاڪستان ۾ اوسط گرمي پد ۾ 0.63 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ساحلي پٽي سان گڏ سمنڊ جي سطح ۾ 1.1 ملي ميٽر جو اضافو ٿيو آهي۔