اسلام آباد(م ڊ) چيئرمين اڪنامڪ پاليسي بزنس ڊولپمينٽ بورڊ، گوهر اعجاز چيو آهي ته پاڪستان جي اربين ڊالرن جي ملڪيت رکندڙ 40 امير ترين شخصيتن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي۔پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ اصل ۾ اهي ئي ماڻهو آهن۔سابق نگران وزير گوهر اعجاز جو چوڻ هو ته حڪومت کي آءِ ايم ايف بدران انهن ماڻهن مان فائدو وٺڻ گهرجي، ڇو ته اهي ئي اربين جو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ عوام کي روزگار فراهم ڪن ٿا۔هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انهن ماڻهن جو هڪ هٿ ٻڌي رکيو آهي، ان هوندي به اهي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهي ئي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار آڻي سگهن ٿا۔