رياض/نيو يارڪ/تهران (م ڊ) خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ برساتن ۽ فليش فلڊ سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان تي روس، آمريڪا، سعودي عرب، ايران ۽ فرانس پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو. روسي صدر ولاديمير پيوٽن جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي صدر آصف علي زرداري ڏانهن تعزيت نامو موڪليو آهي. پيوٽن ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي. روسي صدر زخمين جي جلد صحتيابي ۽ متاثر خاندانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان تعزيت جو اظهار ڪندي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سعودي پرڏيهي وزير پاڪستاني حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون. فرانسيسي سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ريسڪيو هيليڪاپٽر جي عملي سميت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون کسي ورتيون آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن. آمريڪي سفارتخاني به پنهنجي پيغام ۾ چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل المناڪ جاني نقصان تي ڏاڍو افسوس آهي ۽ اسان پنهنجا پيارا وڃائيندڙ خاندانن سان تعزيت ڪريون ٿا. آمريڪي سفير چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون.