سنڌ سرڪار جو ڪي پي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت خيبرپختونخوا جي سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ قدم کنيو آهي، نجي ٽي وي موجب سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا حڪومت سان رابطو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ضرورت موجب واٽر فلٽريشن پلانٽ متاثرعلائقن ڏانهن روانو ڪيو وڃي، وزيراعليٰ سنڌ 10 ٽرڪ راشن بيگز ۽ ٻين خوراڪ جي شين کي به فوري طور تي خيبرپختونخوا موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مشڪل گھڙي ۾ خيبرپختونخوا جي سيلاب متاثر ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.