ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ڀرسان ڳوٺ ۾ معصوم ٻار سان مبينا بدفعلي، پوليس پاران جوابدار گرفتار، جرگي بعد آزاد. زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدار ڳوٺ مان بيدخل، ڏنڊ لڳايو ويو، ميرپورخاص لڳ ڳوٺ دريا خان لغاري ۾ وحشي صفت انسان سليم ٻريو پاران 09 ورهين جي معصوم نينگر ف . ڪ کي مسجد جي حدن ۾ زوري بدفعلي جو نشانون بڻايو ويو، بدفعلي جي اطلاع تي جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي آندو ويو جنهن بعد ذريعن موجب ڳوٺ جي معزز پاران ٻنهي ڌرين کي گھرائي واقعي جو جرڳو ڪيو ويو جرڳي ۾ جرم ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر تي 15 هزار رپيا ڏنڊ ۽ ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن بعد جوابدار ڌر متاثر ڌر کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪري پنهنجو سامان کڻي ڳوٺ مان لڏي ويا، ڳوٺ جي ذريعن موجب متاٿر ڌر پاران بدنامي سبب ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڳوٺ جي معزز پاران ٻنهي ڌرين جي سامهون ويهاري فيصلو ڪيو ويو جنهن بعد پوليس به ڪيس داخل نه ٿيڻ سبب جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو.