سکر(رپورٽ: آزاد مهر/ نعيم شاهه) مبينا ڀتي خوري، فحش مواد ڦهلائڻ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي بليڪ ميلنگ جي الزام هيٺ گرفتار ٽڪ ٽاڪربشير عرف جنيد جاني کي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ايجنسي طرفان عدالت کان جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، عدالت 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس جاچ اداري حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار خلاف شڪارپور جي رهواسي صبور ميمڻ سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ سوشل ميڊيا ذريعي بليڪ ميلنگ، ڀتي وصولي ۽ فحاشي ڦهلائڻ جا سنگين الزام هنيا ويا هئا، جنيد جاني کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هو، ڪنزيومرڪورٽ ۾ جوابدار جي وڪالت ايڊوڪيٽ ذوالفقار ملاڻو، آغا صورت ۽ ٻين وڪيلن ڪئي، ذريعن موجب گرفتاري دوران جوابدار سي سي آءِ اي جو هڪ اهلڪار به زخمي ڪيو هو، جنهن بعد کيس باقاعدي گرفتاري ۾ وٺي اين سي سي آءِ اي ٽيم سان گڏ سکر منتقل ڪيو ويو، عدالت ۾ جاني جنيد ميڊيا کي چيو ته وڏيرا مون کي صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جيئن مارائي ڇڏيندا منهنجي وڪيل ۽ صحافي مالڪي ڪن.