ڊوميسائل جي جاچ اسان جو ڪم ناهي:سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

حيدرآباد(پ ر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ جي خلاف ڀرتين بابت وضاحت ڪندي چيو آهي تہ آسامين جي تشهير ۽ امتحان ريگوليشنز 2023  تحت ڪيا ويندا آھن.   ايس پي ايس سي ڀرتين جي عمل ۾ اهليت جي معيار جي مڪمل پاسداري ڪئي وئي آهي، ڪوڙا افواهه ڦهلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايس پي ايس سي صرف سنڌ جو ڊوميسائل اميدوارن لاءِ آھي، ٻين صوبن جا اميدوار  ڪنھن بھ صورت ۾ قابل قبول  نٿا ڪري سگهجن، اھڙي قسم جي افواھن کي رد ڪيون ٿا. بيان ۾ چيو ويو تھ ايس پي ايس سي کي ڊوميسائيل ۽ ٻين سرٽيفڪيٽس جي جانچ ڪرڻ جو اختيار ناهي، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جو اجراءَ جو اختيار صرف ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميه کي آھي.  بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اميدوارن جي  ڊگري ۽ ڊوميسائل جي تصديق پڻ ايس پي ايس سي نه ڪندو آهي، اميدوارن جي دستاويزن جي جاچ لاڳاپيل انتظاميه جي ذميواري آهي.  آفر ليٽر کان پهريان سڀئي ڪارروائيون لاڳاپيل  انتظامي اداري مڪمل ڪندا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.