پشاور (م ڊ) قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم قومي اداري (اين ڊي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ برساتن سبب خيبرپختونخوا ۽ اترين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي سندن ٽيم امدادي ڪمن جي نگراني لاءِ پشاور پهچي وئي آهي. ادارو صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فوج، ضلعي انتظاميا، ريسڪيو 1122 ۽ مقامي رضاڪار به امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. اين ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ ٻوڏ دوران ماڻهن کي محتاط رهڻ گهرجي ۽ سياحن کي ايندڙ پنج کان ڇهه ڏينهن تائين اترين علائقن جو سفر نه ڪرڻ گهرجي.
-
ڊفينس ۾ تشدد جو شڪار نوجوان بيان تان ڦري ويو، ڪيس ختم
ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ ڊفيس جي علائقي ۾ سرعام نوجوان تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس رپورٽ تي جوابدار جي خلاف ڪيس بند ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ جاچ آفيسر پهرين سي ڪلاس رپورٽ جمع ڪرائي آهي، جاچ آفيسر عدالت جي حڪم تي ڪيس جو چالان جمع ڪرايو، پوليس رپورٽ ۾ چيو آهي تهمتاثر نوجوان ڌيرج عرف ڌن راج جوابدار خلاف ڪارروائي نٿو چاهي، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوجوان چوي ٿو ته غلط فهمي سبب ڪيس داخل ڪرايو، متاثر نوجوان لکيو آهي ته سلمان فاروقي مون سان يا منهنجي ڀيڻ سان بدتميزي نه ڪئي، نوجوان هڪ حلف نامو ڏنو ته هو ڪيس هلائڻ نٿو چاهي، فريادي جي حلف نامي، موت جي ڌمڪين ۽ ٻين الزامن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ پوليس رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت ڪيس بند ڪري ڇڏيو.