لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اپيل ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي شاهين آفريدي ٻوڏ متاثر خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪندي پيغام شيئر ڪيو ۽ چيو ته” منهنجون دعائون متاثرن سان گڏ آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته” مهرباني ڪري ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، اسان سڀ هن مشڪل گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيٺا آهيون.“
واضح رهي ته خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 344 کان ٽپي ويو آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب مجموعي طور تي 74 گهر متاثر ٿيا، جن مان 63 جزوي ۽ 11 مڪمل طور تباهه ٿيا، حادثا سوات، بونير، باجوڙ، تورغر، مانسهرا، شانگلا ۽ بٽگرام ۾ پيش آيا.
صوبائي اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر ضلعن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جن مان بونير لاءِ 15 ڪروڙ، جڏهن ته باجوڙ، بٽگرام ۽ مانسهرا لاءِ 10، 10 ڪروڙ ۽ سوات لاءِ 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.