ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) ڊنمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊريڪسن غزا ۾ انساني الميي کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي اسرائيل پاران اولهه ڪناري ۾ نين يهودي آبادڪارين جي منصوبي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊنمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊريڪسن چيو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اسان کي ٻين يورپي ملڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ان باوجود اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين ته جيئن غزا ۾ انساني الميي جو خاتمو ٿئي.
هن چيو ته نيتن ياهو هڪ مسئلو بڻچي چڪو آهي، جيئن روس تي پابنديون لڳايون ويون، ائين اسان اسرائيل تي اثرائتي پابندين لاءِ به تياري ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان سياسي دٻاءُ وڌائڻ سان گڏوگڏ اقتصادي ۽ تحقيقي شعبي ۾ به پابندين تي غور ڪري رهيا آهيون، جن ۾ واپار يا تحقيقي سهڪار معطل ڪرڻ به شامل آهن.
هن چيو ته اهي پابنديون اسرائيلي وزيرن، شدت پسند يهودي آبادڪارن يا وري اسرائيل جي رياست جي خلاف به ٿي سگهن ٿيون.
You might also like