آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ بوب سمپسن لاڏاڻو ڪري ويو.
آسٽريليا ميڊيا موجب، بوب سمپسن 89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بوب سمپسن جي وفات تي ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
بوب سمپسن 1957ع ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو جيڪو ٻن ڏهاڪن تائين پکڙيل رهيو، ان دوران هن 62 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪينگروز جي نمائندگي ڪئي.
بوب سمپسن آسٽريلوي ڪرڪيٽ ۾ 4 ڏهاڪن تائين هڪ بااثر شخصيت طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
بوب سمپسن 4 هزار 869 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 10 سينچريون ۽ 27 ففٽيون شامل آهن، جڏهن ته هن 311 رنسن جي شاندار اننگز به کيڏي، ان کانسواءِ بوب سمپسن 110 ڪيچ ۽ 71 وڪيٽون به ورتيون.
بوب سمپسن آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي 39 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪپتاني ڪئي، جڏهن ته هو 1986ع کان 1996ع تائين آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ پڻ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.