سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 18 آگسٽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ڪمزور چوماسي هوائون سنڌ جي اوڀر وارن حصن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن کانپوءِ 18 آگسٽ کان چوماسي هوائون وڌيڪ طاقتور ٿي سنڌ ۾ پکڙجي وينديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ صوبي جي مختلف حصن ۾ موسم جزوي جهڙالي ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، اڄ کان 18 آگسٽ تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ بوندا باندي ۽ هلڪي کان وچولي برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 18 آگسٽ تي شهر ۾ به هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.