سرحد ويجهو جيءُ جهوريندڙ روڊ حادثو، ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

گهوٽڪي/سرحد(نمائندن وٽان) سرحد ڀرسان ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جروار واسي ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمي اسپتال، منتقل، پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، سرحد ڀرسان قومي شاهراهه تي گهوٽڪي کان ميرپورماٿيلو ويندڙ موٽرسائيڪل مٿان ٽرالر چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جروار جي ڳوٺ پيربخش خان گبول واسي محمد ادريس ولد رانجهن گبول ۽ ٻه عورتون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ ٻه ٻارڙا پڻ زخمي ٿي پيا واقعي بعد فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو جتي زخمي ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي موٽروي پوليس جو چوڻ هو ته بروقت واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي فوري طور تي اسپتال پهچايو جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته فوتين مان صرف هڪ مرد جي ادريس گبول نالي سڃاڻپ ٿي  سگهي آھي جڏهن ته فوتي ٻن عورتن جي نالن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي باقي ٽنهي فوتين جو تعلق گبول برادري سان آھي، پوليس موجب ته واقعي بعد فوري طور تي ڪاروائي ڪري ٽرالر ڊرائيور کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.