سڪيورٽي خدشا آهن، انٽرنيٽ بندش جو شوق ناهي

اسلام آباد (م ڊ) پارليماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ 6 کان 31 آگسٽ تائين انٽرنيٽ بندش سيڪيورٽي خدشن سبب ڪئي وئي، ڪنهن کي شوق ناهي ته سروس معطل  ڪري. سينيٽ ۾ وضاحت ڪندي هن ٻڌايو ته اڏامون، ٽرين ۽ روڊ رستا کليل آهن، جڏهن ته دهشتگردي کان متاثر علائقن ۾ اهڙا قدم امن لاءِ کنيا وڃن ٿا. هن اعلان ڪيو ته بندش دوران ورتل نيٽ پيڪيج محفوظ رهندا ۽ ايندڙ مهيني منتقل ٿيندا. بلوچستان ۾ 10 ڏينهن کان انٽرنيٽ معطل هجڻ سبب شاگرد ۽ آن لائن ڪم ڪندڙ سخت متاثر ٿيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.