موديءَ کي خوابن ۾ به پاڪستاني فوج نظر اچي ٿي: خواجا آصف

ڪراچي (م ڊ) دفاع واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان نه ته ايٽمي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ان تي يقين رکي ٿو، پاڪستان جا ايٽمي اثاثا صرف ملڪي دفاع لاءِ آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪنهن کي بليڪ ميل نه پيا ڪريون،  ايٽمي صلاحيت اسان جي دفاع جي ضمانت آهي، نريندر مودي کي هاڻي خوابن ۾ به پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج نظر اچي ٿي. مودي لاءِ پاڪستان سان جنگ هڪ ڊڄائيندڙ خواب بڻجي چڪي آهي، هو اصل ۾ پنهنجن ووٽرن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ جنگ وڙهي ۽ اها کٽي، جڏهن⁠ ته مودي لاءِ ٻي جنگ ڀارت جي اندر نظر اچي رهي آهي. ڀارت اندر مودي خلاف آوازون اٿڻ لڳيون آهن، شهري پاڻ چون ٿا ته مودي جي رويي سبب جنگ تائين نوبت پهتي، مودي تي ڪانگريس ۽ ننڍين رياستن ۾ به تنقيد ٿي رهي آهي. خواجا آصف موجب مودي اهڙن بيانن سان پنهنجي گهر اندر اٿندڙ طوفان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مودي جو مسئلو مودي ۽ سندس ملڪ جو آهي، پاڪستان جو ان سان ڪو تعلق ناهي. ، ڀارت ۾ مودي جي ناڪامي اپوزيشن لاءِ موقعو آهي، جنهن مان ڀارتي مخالف ڌر فائدو وٺي رهي آهي. ڀارت جي دهشتگردي جي حمايت تي عالمي سطح تي به ان کي ناڪامي ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.