ڪراچي(رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ خطاب دوران شھري رٿابندي جي ماھر عارف حسن چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ 3 ھزار 232 ڳوٺ ھئا،جيڪي گم ٿي ويا،گزري به ھڪ ڳوٺ ھو ،، گزري برابر بخشڻ وليج ھوندو ھو،جيڪو مون پنهنجي ڪراچي اچڻ دوران شروعاتي ڏينهن ۾ ڏٺو.جڏھن ته سٺي ساک رکندڙ معاشي ماھر قيصر بنگالي چيو ته ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ ۽ سنڌ ورھائڻ جي ڳالھه اسرائيل ٺاھڻ برابر آهي .