ٽرمپ-پيوٽن وچ ۾ ڊگهي ملاقات، تفصيل سامهون اچي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته والاديمير پيوٽن سان روس-يوڪرائن جنگبندي بابت ڪو معاهدو ناهي ٿيو پر ان معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي.
الاسڪا ۾ روسي صدر سان اٽڪل ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ” اسان ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگھيا آهيون.“
پوتن جو چوڻ هو ته هو ان تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ ” دلچسپي“ رکي ٿو، پر هن ان حوالي سان وڌيڪ نه ڳالهايو.
ملاقات بعد ٻنهي اڳواڻن صحافين جي سوالن جا جواب نه ڏنا.
انٽرويو ۾ ٽرمپ يوڪريني صدر والاديمير زيلينسڪي تي زور ڏنو ته هو ڪو ” معاهدو ڪري وٺي.“
ملاقات کان اڳ ايئرپورٽ تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ گرمجوشي نظر آئي، ٻه ڀيرا هٿ ملائڻ کانپوءِ پيوٽن،م ٽرمپ جي ڪار ۾ گڏجي ملاقات واري هنڌ پهتو.
ٻئي پاسي ڪريملن جي دمتري پيسڪوف ٽرمپ-پيوٽن ملاقات کي ”نهايت هاڪاري“ قرار ڏنو.
روسي خابرو اداري رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وئي ته ٻنهي اڳواڻن پريس کان سوال نه وٺڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ڇوته هو اڳ ئي تفصيلي بيان ڏئي چڪا هئا.
ٽرمپ فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ملاقات ”زبردست“ رهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ڏهه مان ڏهه نمبر ڏنا.
هن چيو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هاڻي ڳالهين جو سلسلو پيوٽن ۽ زيلينسڪي جي موجودگيءَ ۾ اڳتي وڌندو.
هن چيو ته ظاهري طور معاهدو ٿيندو نظر پيو اچي، جنهن ۾ جنگي قيدين جو ڏي وٺ پڻ شامل هجي.
آمريڪي صدر چيو ته کيس 50/50 جي اميد آهي ڇو ته ڪيئي شيون ٿي سگهن ٿيون، ان سان گڏوگڏ هن چيو ته ” مون کي لڳي ٿو ته صدر پيوٽن ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿو.“
ٽرمپ موجب، کيس هزارين قيدين جي فهرست پيش ڪئي وئي آهي، جيڪي آزاد ٿي سگهن ٿا، پر معاهدو اڃا رولڙي جو شڪار آهي.
انٽرويو ۾ جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا زمين جي ڏي وٺ ذريعي جنگ ختم ٿي سگهي ٿي ته هن چيو ته انهن نقطن تي پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ”گهڻي حد تائين“ اتفاق به ٿيو.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته ملاقات ”تمام پرجوش“ رهي ۽ سندس خيال ۾ “اسين معاهدي جي ويجهو پهچي ويا هئاسين، پر فيصلائتو قدم يوڪرين کي کڻڻو پوندو.“
هو بار بار زيلينسڪي کي زور ڏيندي نظر آيو ته ڪو معاهدو ضرور ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.