پاڪستان لساني ۽ علائقائي بنيادن تي نه پر ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هڪ شخص جي دهشتگردي جي سزا پوري علائقي کي نٿي ڏئي سگهجي، فوج کي ان ۾ ڪائي دلچسپي ناهي ته دهشتگردي جي نالي تي معصوم شهرين کي ماري.
ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن سان خصوصي ويهڪ ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ شاگردن نوجوانن جي سوالن جا جواب به ڏنا.
هن چيو ته ذهنن ۾ اِها ڳالهه ويهاري وڃي ٿي ته بلوچستان جو عوام ۽ نوجوان پاڪستان کان پري آهن، پر بلوچستان جا ماڻهو پاڪستان ۽ صوبي جي وچ ۾ لاڳاپي کي چڱي طرح سمجهن ٿا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ميجر محمد انور ڪاڪڙ شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو هڪ شاندار آفيسر ۽ هن ڌرتيءَ جو عظيم پٽ هو، جنهن گوادر حملي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو، پاڪستان کي آزاد رکڻ لاءِ هر روز فوجي آفيسر، جوان ۽ شهري قرباني ڏئي رهيا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ آپريشن تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن عوام پاڻ دهشتگردن جي نشاندهي ڪندو، اهو ممڪن ناهي ته فوج علائقو خالي ڪرائي آپريشن ڪري ۽ پوءِ واپس وڃڻ بعد دهشتگرد ٻيهر اچي وڃن، ان ڪري ان کي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن چيو ويندو آهي.
هن واضع ڪيو ته بلوچستان جي عوام ۽ انتظاميا سان گڏجي دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ رٿابندي ڪندڙن کي وائکو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪو شهري دهشتگردن کي پناهه ڏئي ٿو يا گهر ۾ بارودي مواد رکي ٿو ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردي خلاف عوام کي پاڻ بيهڻو پوندو ۽ سٺي ڳالهه اِها آهي ته بلوچ پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته ڪٿي دهشتگرد ۽ سهولتڪار موجود آهن.
هن چيو ته پاڪستان لساني ۽ علائقائي بنيادن تي نه پر ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيو، نبي پاڪ صه جو فرمان آهي ته ڪنهن عربي کي عجمي، ڪنهن گوري کي ڪاري ۽ ڪنهن ڪاري کي گوري تي فضيلت نه آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ صرف بلوچ ناهن، پر 30 سيڪڙو کان وڌيڪ پختون به آباد آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ به وڏي انگ ۾ بلوچ رهن ٿا، پاڪستان جو مطلب ”لا اله الا الله“ آهي ۽ اهو ئي ان جي بنياد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.