ٽِڪ ٽاڪر جنيد جاني جي گرفتاري، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان گرفتار ڪيل ٽِڪ ٽاڪر بشير عرف جنيد جاني کي سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جنيد جاني کي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت کيس 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران ڪيترن ئي وڪيلن جنيد جاني جي وڪالت لاءِ وڪالت ناما داخل ڪرايا.
واضح رهي ته شڪارپور واسي عبدالصبور ميمڻ جي شڪايت تي مخدوم جنيد جاني کي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ) طرفان ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هو.
عبدالصبور ميمڻ، ٽڪ ٽاڪر بشير عرف جنيد جاني تي الزام لڳايو هو ته هن بليڪ ميلنگ ڪندي 44 لک رپيا ورتا ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
عبدالصبور جي شڪايت تي اين سي سي آءِ جي پوليس اسٽيشن سکر ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪارروائي ڪندي جنيد جاني کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو.
جنيد جاني سان گڏ ايف آءِ آر ۾ عورت ريشمان جو نالو به شامل آهي.
ان کانسواءِ، بشير عرف جنيد تي هڪ پوليس اهلڪار تي حملو ڪرڻ ۽ کيس زخمي ڪرڻ جو هڪ ٻيو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.