اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ ۽ برساتن جي صورتحال سبب خيبرپختونخوا لاءِ امدادي سامان فوري طور ٽرڪن ذريعي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ بابت هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي ) جي چيئرمين وزيراعظم کي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت بريفنگ ڏني.
اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ فليش فلڊ سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.
وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته خيبرپختونخوا حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان سهڪار جاري رکي، ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا لاءِ خيما، دوائون، خوراڪ ۽ ٻيو امدادي سامان ترجيحي بنيادن تي ٽرڪن ذريعي ترت اُماڻيو وڃي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن ۽ سياحن کي فوري محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي.
You might also like