” جشنِ معرڪاءِ حق“ جي موقعي تي فوج کي ڀيٽا، 75 رپين جو يادگار سڪو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ طرفان جشنِ معرڪا حق جي موقعي تي 75 رپين جو يادگار سڪو جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت ان سَڪي ذريعي هٿياربند فوج جي بهادريءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ آزاديءَ جي موقعي تي اهڙو يادگار سڪو جاري ڪيو.
جاري ڪيل سڪي جو وزن 13.5 گرام ۽ قطر 30 ملي ميٽر آهي، جن ۾ 79 سيڪڙو ٽامو، 20 سيڪڙو زنڪ ۽ 1 سيڪڙو نڪل شامل آهي.
سڪي جي سامهون وچ ۾ وڌندڙ چنڊ ۽ پنج ڪُنڊن وارو اُڀريل ستارو اُڪريل آهي، جنهن جو رخ اتر-اولهه طرف آهي. ستاري ۽ چنڊ مٿان ڪناري سان گڏ اردو ۾” اسلامي جمهوريه پاڪستان“ لکيل آهي.
چنڊ جي هيٺان ۽ ڪڻڪ جا آنڀو موجود آهن، جنهن جي مٿان جاري ٿيڻ جو سال 2025 لکيل آهي، ستاري ۽ چنڊ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي سڪي جي ماليت ”75“ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ “ رپيا“ لکيل آهي.
سڪي جي پوئين پاسي وچ ۾ اردو ۾ ” معرڪاءِ حق “۽ انگن ۾ ”2025“ لکيل آهي. مٿيئن ڪنارن تي اردوءَ ۾ ” پاڪستان زنده آباد“ لکيو ويو آهي.
پوئين پاسي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه جنگي جهاز، سامونڊي جهاز ۽ ملٽي پل راڪيٽ لانچر سسٽم نظر اچي رهيو آهي.
يادگار سڪو 15 آگسٽ 2025 کان اسٽيٽ بئنڪ بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن جي فيلڊ آفيسن جي ايڪسچينج ڪائونٽرز تي دستياب هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.