سال 2025 جو ٻيو چنڊ گرڻ ست سيپٽمبر تي ٿيندو ۽ ان وقت آسمان ڳاڙهي روشني سان منور ٿي ويندو.
هي گرهڻ حقيقت بلڊ مون هوندو، جنهن دوران چنڊ جي رنگت سرخ نظر ايندي آهي جڏهن ڌرتي، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ٿي ۽ چنڊ زمين جي پاڇي جي سڀ کان اونداهي حصي مان گذرندو آهي، ان وقت سج جي روشني سڌو چنڊ تائين ناهي پهچندي.
زميني فضا مان گذرندي سج جي روشني ۾ نيري روشني کان وڌيڪ ڳاڙهي روشني مڙي ويندي، جنهن سبب چنڊ گرهڻ دوران ڳاڙهو نظر ايندو آهي ۽ ان کي بلڊ مون پڻ چيو ويندو آهي.
هي چنڊ گرهڻ خاص هوندو ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ دنيا جو هر ماڻهو اِها ڏسي سگهندو.
ٽائيم اينڊ ڊيٽ ويب سائيٽ موجب، 7 ارب کان وڌيڪ ماڻهو چنڊ گرهڻ جو نظارو ڪري سگهندا، ۽ مڪمل گرهڻ اٽڪل 82 منٽ تائين جاري رهندو.
رپورٽ موجب، هيچنڊ گرهڻ دنيا جي 77 سيڪڙو آبادي ڏسي سگهندي، جيڪو تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ گرهڻ مان هڪ هوندو.
چنڊ گرهڻ 7 سيپٽمبر جي رات لڳي اٺاويهه منٽن تي شروع ٿيندو ۽ رات هڪ لڳي پنجونجاهه منٽن تائين جاري رهندو، جنهن دوران 82 منٽن تائين مڪمل گرهڻ جو نظارو پسي سگهبو.
ايشيا ۾ پاڪستان، چين، جپان ۽ ڀارت ان گرهڻ جو بهترين مشاهدو ڪري سگهندا. جڏهن ته آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، يورپ ۽ ٻين علائقن ۾ به اِهو نظارو ڏٺو ويندو.
ياد رهي ته سال 2025 جو پهريون چنڊ گرهڻ 14 مارچ تي ٿيو هو، پر پاڪستاني اِهو ڏسڻ کان محروم رهجي ويا هئا ، ڇو ته گرهڻ جي شروعات صبح 9 وڳي ۽ پڄاڻي منجهند ٽِين وڳي ٿي هئي.
You might also like