پشاور/مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وهڪرن وڏي پيماني تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 200 ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.
رڳو بونير ۾ هڪ سئو ويهه کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيئي گم ٿي ويا، ڪلائوڊ برسٽ کانپوءِ ٻوڏ ڪيئي ڳوٺن کي لوڙهي وئي، ٻوڏ وهڪرن ۾ جانور ۽ گاڏيون به لُڙهي ويون جڏهن ته بونير ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ريسڪيو اهلڪار موجب، خيبر پختونخوا جي باجوڙ ضلعي جي تعلقي سالارزئي جي علائقي جبراڙئي ۾ ڪالهه رات آيل ٻوڏ وهڪري سبب ڪيئي گهر تباهه ٿي ويا، روڊ، رستا ۽ پُل پاڻي ۾ لڙهي ويا.
اختيارين موجب، مختلف حادثن ۾ هنيئر تائين 21 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن موجب 7 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، ٽن زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال نيو ويو آهي.
مانسهرا ضلعي جي بٽگرام واري علائقي ۾ رات دير سان ڪلائوڊ برسٽ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو لُڙهي ويا. بٽگرام ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته شانگلا۾ هڪ ماڻهو ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو.
پوليس موجب، علائقي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ وڏي انگ ۾ چوپايو مال پڻ ٻوڏ وهڪرن لُڙهي ويو آهي، جن جي ڳولا جاري آهي.
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا موجب، صوبي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، برستان، ٻوڏ وهڪرن ۽ سبب وڏو نقصان جا تفيصل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي ڊي ايم اي موجب، خيبر پختونخوا ۾ فوتين جو انگ 110 کان ٽپي ويو آهي، سڀ کان گهڻو نقصان بونير ضلعي ۾ ٿيو آهي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بونير جا 12 کان وڌيڪ ڳوٺ ڪلائوڊ برسٽ سبب سخت متاثر ٿيا، برسات، ڪلائوڊ برسٽ ۽ فليش فلڊ سبب 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.
پي ڊي ايم اي موجب، بونير، باجوڙ، مانسهرا ۽ بٽگرام کي آفت سٽيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو ٽيمن جو انگ واڌيو ويو آهي ۽ طبي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.
اختيارين موجب، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، جن ۾ صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر پڻ استعمال ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي پير بابا اسپتال بونير جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امتيار موجب، پير بابا ۽ ڀرپاسي مان هاڻي تائين 43 لاش آندا ويا آهن، جن ۾ 25 عورتون ۽ 18 ٻار شامل آهن.
هواڏنهن بونير جي ڊپٽي ڪميشنر تصديق ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب 75 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 56 ڄڻن جا مڙهه اسپتال پهچايا ويا آهن.
ريسڪيو اهلڪار موجب، بونير ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا جيڪي اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي. ضلعي ۾ اٽڪل 12 ڳوٺ ڪڪر ڦاٽڻ سبب سخت متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب ريسڪيو ٽيمن کي متاثر علائقن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ به ڪلائوڊ برسٽ کان پوءِ ندين نالن ۾ چاڙهه سبب هڪ ئي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ به برسات کانپوءِ مختلف حادثن ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.
آزاد ڪشمير حڪومت تيز برساتن سبب ٻن ڏينهن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آهن.