پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ شدت پسندن جي حملن ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او سميت ڇهه اهلڪار شهيد ۽ اٺ زخمي ٿيا آهن. شدت پسندن طرفان هي حملا ضلع ڪرّم، اپر دير، پشاور ۽ بنون ۾ ڪيا ويا آهن. ضلع ڪرّم مان هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو آهي ته شڪي ماڻهن خلاف هڪ ڪارروائي ڪئي پئي وئي، جنهن لاءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي انگ ۾ اهلڪار موجود هئا۔ ان ڪارروائي دوران ٻنهي پاسي کان فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او قيصر حسين شهيد ٿي ويا۔ مقامي پوليس اهلڪار ٻڌايو ته اها ڪارروائي هڪ اهم گهربل گروهه خلاف ڪئي پئي وئي. ضلعي اپر دير ۾ هٿياربندن پوليس جي هڪ موبائل وين تي حملو ڪيو۔ اهو حملو پناهه ڪوٽ ۾ سٽي پوليس ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيو۔ ان حملي ۾ اڪبر حسين، نصرالله ۽ ڊرائيور اسماعيل شهيد ٿي ويا، جڏهن ته محمد اسحاق، رحيم الله، نياز محمد، عبدالغفار، جلال الدين ۽ رياست خان زخمي ٿيا. لوئر دير جي ميدان واري علائقي ۾ به اڻ ڄاتل هٿياربندن پوليس چوڪين تي حملا ڪيا، جن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو. پشاور ۾، حسن خيل ٿاڻي تي گذريل رات نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار جهانگير خان شهيد ٿيو.ساڳي ريت بنون ۾ پوليس چوڪي تي هٿياربند ماڻهن حملو ڪيو، پر پوليس جي جوابي ڪارروائي سبب حمله آور فرار ٿي ويا.