آزادي جي جشن طور فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 109 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) 14 آگسٽ جي رات هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ  زخمي ٿي پيا. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيا سيد موجب شهر جي مختلف علائقن مان 109 زخمين کي ٽن وڏين اسپتالن ۾ آندو ويو، جن مان 3 جي حالت نازڪ آهي. عزيز آباد بلاڪ 8 ۾ ٻارڙي گهر جي گيلري مان آتشبازي ڏسي رهي هئي ته 9 ايم ايم پسٽل جي گولي مٿي ۾ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. پوليس هوائي فائرنگ ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار ڪري هٿيار ضبط ڪري فرانزڪ لاءِ موڪليا. ڪورنگي نمبر 3 جي ماڊل فيملي پارڪ ۾ 35 سالا شخص ۽ ڪلري آگرا تاج ڪالوني ۾ 70 سالا شخص به گولي لڳڻ سبب مارجي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.