سنڌ جا روڊ رستا موت جو راڪاس بڻيل آهن:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين  مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، حسنه راهوجو ۽ نو نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جي ڪرپشن ۽ عوام دشمني سبب سنڌ جا روڊ رستا موت جو راڪاس بڻيل آهن، نيشنل هائي وي اٿارٽي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا غيرقانوني ٽول پلازائون ٺاهي عوام کي ڦرڻ لٽڻ ۾ مصروف آهن، ڪروڙين روپين جي بجيٽ ۽ ٽول پلازائن مان کربين روپين جي اوڳاڙي باوجود روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن. اڳواڻن چيو ته 14 آگسٽ جي موڪل دوران ٺٽي تفريح لاءِ ايندڙ ويندڙ مسافرن سان ٿيل روڊ حادثن سبب 5 نوجوان فوت، 8 ڄڻا زخمي ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن، جيڪي انتهائي ڏکوئيندڙ خبرون آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن روڊن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.