غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيل جا وحشيانا فضائي ۽ زميني حملا اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن، تازن حملن ۾ وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزہ جي صحت واري وزارت موجب گذريل ڏينهن اسرائيلي ڪارروائين ۾ 92 فلسطيني شهيد ٿيا، جن ۾ 3 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته 8 ماڻهو بک جي شدت سبب فوت ٿي ويا. انگن اکرن موجب، خوراڪ جي کوٽ سبب هن وقت تائين 106 ٻارن سميت 235 فلسطيني بک سبب حياتي وڃائي چڪا آهن.