غزا (م ڊ) سو کان وڌيڪ امدادي تنظيمن هڪ گڏيل خط ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته غزا ۾ امداد کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بند ڪيو وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي عملدار سخت ضابطن جي پورائي کانسواءِ امداد جي اجازت نٿا ڏين، ۽ جيڪي تنظيمون اسرائيل جي قانوني حيثيت تي سوال کڻن يا فلسطيني عملي جي مڪمل ڄاڻ نه ڏين، انهن تي پابندي لڳائڻ جو خطرو آهي. امدادي ادارن موجب، مارچ کان وڏيون عالمي تنظيمون زندگي بچائيندڙ هڪ ٽرڪ به غزا پهچائي ناهيون سگهيون، جولاءِ ۾ اهڙيون 60 درخواستون رد ٿيون آهن. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته اسپتالن ۾ بنيادي سامان ختم ٿي رهيو آهي ۽ ٻار، معذور ۽ بزرگ بک ۽ قابل علاج بيمارين سبب مري رهيا آهن. آمريڪي اداري انروا جو چوڻ آهي ته غزا جي ويجهو 70 لک ڊالر ماليت جو سامان، جنهن ۾ 744 ٽن چانور شامل آهن، ترسيل لاءِ تيار پر ڦاٿل آهي.