هٿياربند فوجي سربراهن ۽ بلاول سوڌو سياسي شخصيتن کي قومي اعزاز ڏنا ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هٿياربند فوجي سربراهن ۽  بلاول سوڌو سياسي شخصيتن کي قومي اعزازن سان نوازيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري "معرڪه حق” دوران ڀارت خلاف نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سول ۽ عسڪري شخصيتن کي اعليٰ قومي اعزازن سان نوازيو آهي. ايوانِ صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ سفارتي سطح تي پاڪستان جو مؤقف ڀرپور نموني پيش ڪرڻ تي اسحاق ڊار کي اعزاز ڏنو ويو، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي تي مضبوط موقف اختيار ڪرڻ تي اعظم نذير تارڙ کي اعزاز ڏنو ويو۔ ڀارت جي جارحيت جو سخت جواب ڏيڻ تي بچاءٌ واري وزير خواجا آصف کي نشانِ امتياز سان نوازيو ويو۔ بهترين معلوماتي موڪل لاءِعطاالله تارڙملڪ ۾ امن ۽ هم آهنگي قائم رکڻ تي محسن نقوي ۽ حڪمت عملي جي سطح تي بهتر ڪارڪردگي تي احسن اقبال کي پڻ نشانِ امتياز سان نوازيو ويو. قومي اتفاق ۽ اتحاد قائم رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي رانا ثناءُ الله ۽ پاڪستان جو عالمي سطح تي مؤقف اجاگر ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي نشانِ امتياز مليو. فيلڊ مارشل عاصم منيرکي ڏکين حالتن ۾ فوج جي قيادت ڪرڻ تي هلالِ جرات ۽ عسڪري معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد کي نشانِ امتياز سان نوازيو ويو. ايئرچيِف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي فضائي جنگ دوران دشمن کي شڪست ڏيڻ تي هلالِ جرات ۽ ايڊمرل نويد اشرف کي سامونڊي سرحدن جي حفاظت تي نشانِ امتياز ڏنو ويو. سفارتي وفد جي ميمبرن سيد طارق فاطمي، شيري رحمٰن، فيصل سبزواري، بشريٰ انجم، حنا رباني کهر، خرم دستگير، ۽ عمر فاروق کي هلالِ امتياز سان نوازيو ويو. مشير ڊاڪٽر توقير حسين شاه، اڳوڻو سفير جليل عباس جيلاني ۽ وفاقي وزير احد چيمه به هلالِ امتياز جا حقدار بڻيا. لفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد سعيد کي هلالِ امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو۔ دشمن کي سخت جواب ڏيندڙ اهلڪار کي ستاره جرات مليو. ونگ ڪمانڊر بلال رضا، حماد ابن مسعود، اسڪوارڊرن ليڊر محمد يوسف خان، محمد اسامه اشفاق، محمد حسن انيس، طلال حسن، فدا محمد خان، محمد اشعب شامل آهن. شهادت جو نذرانو پيش ڪندڙن کي پڻ اعزاز ڏنا ويا. لانس حوالدار عامر شيراز شهيد، لانس نائيڪ اڪرام الله، سپاهي عديل اڪبر شهيد، ڪيپٽن علي حسن شهيد، تمغه جرات، سپاهي نثار علي شهيد،ستاره بسالت، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم ملڪ کي ستاره بسالت، جڏهن ته لفٽيننٽ جنرل نعمان زڪريا، عامر رضا، شاهِد امتياز ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف کي به اعزازن سان نوازيو ويو. وائس ايڊمرل راجا رب نواز، ريئر ايڊمرل عبدالمنيب، فيصل امين، ايئر وائس مارشل محمد احسان الحق، ميجر جنرل ڪاشف عبدالله، ۽ ايئر وائس مارشل محمد اورنگزيب،ريئر ايڊمرل شهزاد حامد، ميجر جنرل جواد طارق، تجديد ممتاز، ايئر ڪموڊور عطاالله زيب، ضياءُ آفتاب، محمد نعمان، علي جاويد هاشمي، سجاد حيدر، ڪيپٽن محمد عاطف، محمد حيدر علي اعزاز ڏنا ويا. شهادت ماڻيندڙ اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف شهيد کي تمغه بسالت ڏنو ويو، جيڪو سندس والد ۽ زال وصول ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.