اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز کي ستاره امتياز جڏهن ته راشد محمود ملڪ ۽ حماد حسن کي به ستاره امتياز سان نوازيو ويو۔ مشهور صحافي ۽ اينڪرحامد مير، محمود شامي، منصور علي خان، جاويد چوڌري، سليم صافي، وسيم بادامي، عامر الياس رانا کي تمغه امتياز سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ سينيئر صحافي ۽ "دي نيوز” جي ايڊيٽر انويسٽيگيشن انصار عباسي به "معرڪۂ حق” ايوارڊ وٺڻ کان معذرت ڪئي. انصار عباسي، سڪريٽري ڪابينا کي ايوارڊ نه وٺڻ جو فيصلو ٻڌائيندي چيوته سڄي قوم معرڪۂ حق ايوارڊ جي حقدار آهي، مون ڪو به غير معمولي ڪم ناهي ڪيو، جيڪو ڪيو، اهو منهنجو فرض هو.