ڪراچي ۾ ماءُ پنهنجي ٻن ٻارن کي ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڊفينس فيز 6، خيابان مجاهد ۾ ماءُ پنهنجي ٻن ٻارن کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار عورت اديبا کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب واقعي جي سبب طور مڙس کان طلاق بعد ٻارن جي حوالگي تي رنجش ٻڌائي پئي وڃي. ايدهي رضاڪارن مقتول ٻارن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا. ايس ايس پي سائوٿ مهروز علي چيو ته اهو واقعو  ڪمزور خانداني نظام ۽ ٽٽل رشتن جو نتيجو آهي. اديبا ۽ غفران جي شادي 9 سال اڳ ٿي هئي، گذريل سال طلاق ٿي، ٻار والد وٽ رهندا هئا ۽ هفتي جي موڪل تي ماءُ سان ملندا هئا. حوالگي بابت ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو. ايس ايس پي موجب عورت ذهني مسئلن جو شڪار هئي، جنهن سبب عليحدگي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.