بنگلا ديش ۾ گذريل سال آگسٽ دوران شاگردن جي احتجاجي مظاهرن جي نتيجي ۾ عوامي ليگ جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ، هڪ سال اندر ملڪ جي سفارتي انداز ۽ موقف ۾ نمايان تبديلي آئي آهي۔ شيخ حسينه جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ بنگلاديش ۽ ان جي پراڻي اتحادي ملڪ، هندستان، جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي۔ گذريل هڪ سال دوران بنگلاديش جي پرڏيهي پاليسي هندستان کان پري ۽ چين ڏانهن ويجهو ٿيندي نظر آئي آهي، جڏهن ته پاڪستان سان لاڳاپن ۾ بهتري جي ڪوششن جو به مشاھدو ڪيو ويو آهي۔ هندستان ۽ بنگلاديش جا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا به خراب ٿيا آهن ۽ سرحد تي ٽڪراءَ جي صورتحال به پيدا ٿي آهي۔ بنگلا ديش الزام لڳايو آهي ته هندستان ۾ پڪڙيل مبينا طور غير قانوني بنگالي شهري، بنگلا ديش جي سرحد اندر ڌڪيا پيا وڃن۔ سفارتي ماهرن ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ سال ۾ بنگلاديش جي سڀ کان وڏي تبديلي ”هڪ ملڪ تي مرڪوز پرڏيهي پاليسي“ کان هٽي وڃڻ آهي۔
عالمي لاڳاپن جي پروفيسر انعام خان چيو ته ”نئين حڪومت، اڳئين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عملي ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن خاص ملڪ تي ڌيان ڏيڻ واري پاليسي ڇڏڻ جي ڪري بنگلاديش جي جاگرافيائي اهميت ۾ به اضافو ٿيو آهي।”ماهرن جو خيال آهي ته گڏيل قومن جي فيڪٽ فائينڊنگ مشن جي گذريل سال جي احتجاج دوران ٿيل قتلن بابت رپورٽ، پروفيسر يونس لاءِ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي هئي۔ ان سان گڏوگڏ اهو بحث به جاري آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، بنگلاديش سڀني ملڪن پاران لاڳو ڪيل محصولن سان ڪيئن منهن ڏيندو؟ ان دوران پروفيسر محمد يونس، روهنگيا مسلمانن جي معاملي تي ميانمار حڪومت تي به تنقيد ڪئي آهي۔ هاڻي اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته عبوري حڪومت پنهنجي پهرئين سال ۾ سفارتڪاري جي ميدان ۾ ڪيتري ڪامياب رهي آهي۔
گذريل اڍائي ڏهاڪن ۾ عوامي ليگ جي حڪومت دوران هندستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا جنهن بلنديءَ تي پهتا هئا، اهي 5 آگسٽ 2024 تي شيخ حسينه جي حڪومت ڊهڻ سان زوال پذير ٿي ويا۔ عبوري حڪومت جي قيام کان پوءِ، هندستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اقليتن ۽ هندن خلاف حملن ۽ ظلمن جون خبرون ۽ افواهون به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيون۔ اڳوڻي سفارتڪار ايم همايون ڪبير صحافين کي ٻڌايو ته ”بنگلاديش کان ڀڄي هندستان آيل شيخ حسينه خلاف بنگلاديشي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن.“
”اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه کي ڪيترائي ڀيرا دهلي ۾ سياسي بيان ڏيندي ڏٺو ويو آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ پيچيده ٿي ويا آهن۔”هلندڙ سال اپريل ۾ بينڪاڪ ۾ هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ۽ عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر يونس جي ملاقات کان پوءِ اهو موضوع ٻيهر بحث هيٺ آيو۔ گذريل هڪ سال دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن۔ گذريل سال اندر هندستان ۽ بنگلاديش هڪ ٻئي تي ڪيترائي واپاري پابنديون لاڳو ڪيون آهن۔
هندستان، بنگلاديشي شهرين لاءِ ويزا قانون سخت ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور شيخ حسينه جي اقتدار کان بي دخلي کان پوءِ سياحتي ويزن جو اجرا به بند ڪيو ويو آهي۔ هاڻي هندستان، بنگلاديش جي شهرين کي علاج لاءِ طبي بنيادن تي تمام گهٽ ويزا ڏئي رهيو آهي۔ ان کان اڳ، هر سال لڳ ڀڳ 20 لک بنگلاديشي علاج، تعليم، ڪاروبار ۽ سياحت جهڙن مقصدن لاءِ هندستان ايندا هئا، پر هاڻي ويزا ملڻ جي شرح ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي۔ اقتدار وڃڻ کان اڳ، ان وقت جي وزيراعظم شيخ حسينه جولاءِ 2024 جي شروعات ۾ چين جو دورو ڪيو هو۔ عبوري حڪومت جي قيام کان پوءِ، پروفيسر محمد يونس پنهنجو پهريون سرڪاري دورو مارچ ۾ چين جو ڪيو۔ هن دوري دوران، چيني سيڙپڪاري، دريائن جي انتظام ۽ روهنگيا بحران سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترائي معاهدا ۽ يادداشتن تي صحيون ڪيون۔ ڳالهين دوران چين چيو ته هو مونگلا بندرگاهه تي ڪم ڪندو۔ ماضي ۾ چين ۽ هندستان ٻئي هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر ماهرن جو خيال آهي ته هاڻي چين اهو سڄو ڪم اڪيلي ڪري سگهي ٿو۔ هندستان جي سفر لاءِ ويزا ۾ ڏکيائين سبب، چين هاڻي بنگلاديشي مريضن لاءِ هڪ نئون مرڪز بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔
گذريل سال چين بي اين پي، جماعت اسلامي، اين سي پي ۽ کاٻي ڌر جي تنظيمن جي اڳواڻن کي پنهنجي ملڪ جو دورو ڪرائڻ جي دعوت ڏني هئي۔ ٻين لفظن ۾، بنگلا ديش ۽ هندستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي گهٽتائي جو فائدو چين کڻي رهيو آهي۔ پروفيسر صاحب انعام خان صحافين کي ٻڌايو ته ”چين لاءِ بنگلاديش جي اهميت اڳ به ايتري هئي جيتري هاڻي آهي، پر هندستان تي گهٽ انحصار جي ڪري چين هاڻي بنگلاديش کي خاص اهميت ڏئي رهيو آهي۔ لڳي ٿو ته چين هن وقت رڳو حڪومت سان نه، پر سياسي پارٽين سان به ويجها لاڳاپا قائم ڪري رهيو آهي۔” تجزيي نگارن موجب، چين بنگلاديش سان پنهنجا لاڳاپا ان سطح تي آڻڻ چاهي ٿو، جنهن سطح تي شيخ حسينه جي دور ۾ هندستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا هئا۔ بنگلا ديش به چين سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪجهه ماڻهو پروفيسر يونس جي حڪومت جي سفارتي ڪاميابي سمجهن ٿا۔
پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا هميشه حساس رهيا آهن، خاص ڪري عوامي ليگ جي دور ۾ ۽ جنگي ڏوهن جي مقدمن دوران اهي تيزي سان خراب ٿيا۔ شيخ حسينه جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن هندستان سان لاڳاپا ڪمزور ٿيا، تيئن پاڪستان سان ڇڪتاڻ ۾ به گهٽتائي آئي۔ اپريل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سطح تي باضابطه ملاقات ٿي، جيڪا اڍائي ڏهاڪن بعد هڪ اهم اڳڀرائي هئي ۽ ان کي اسلام آباد ۽ ڍاڪا جي لاڳاپن جي بحالي طور ڏٺو ويو۔ گذريل سال جون ۾ بيجنگ ۾ ٿيل اجلاس ۾، جتي بنگلا ديش ۽ پاڪستان ٻئي موجود هئا، هڪ ٽه طرفي اتحاد ٺاهڻ تي ڳالهيون ٿيون، پر بعد ۾ بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته ملڪ ان اتحاد جو حصو نه بڻجندو۔28 جولاءِ تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل هڪ عالمي ڪانفرنس دوران، ٻنهي ملڪن هڪٻئي سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو۔ اقتدار جي تبديلي کان پوءِ پاڪستان بنگلاديش سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون آهن۔ پروفيسر صاحب انعام خان جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا اڃا به بيان بازي تائين محدود آهن، پر ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ٻئي ملڪ ڪاروباري لاڳاپن مان فائدو وٺن۔“ ان سان گڏ هن چيو ته بنگلاديش جي پرڏيهي پاليسي موجب دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان معمول جا سفارتي لاڳاپا رکڻ ضروري آهن۔