”ڀارت سنڌوءَ جو وهڪرو روڪڻ چاهي ٿو، مودي سرڪار کي سنڌ طاس معاهدو مڃڻو پوندو نه ته اسان انهن کان ڇهه ئي درياءَ کسي وٺنداسين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ چاهي ٿو، مودي کي اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرڻو پوندو نه ته اسان انهن کان ڇهن درياهن جو پاڻي کسي وٺنداسين.
حُب ڪينال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو پاڪستان جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني آهي ۽ ڀارت سفارتي ميدان ۾ به عبرتناڪ شڪست کاڌي آهي، مودي سرڪار انتها پسندن ۽ دهشتگردن کي سپورٽ ڪري رهي آهي، ڀارت بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي سهولتون فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته حب ڊيم مان 100 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته لياري کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پي سي ون منظور ٿي ويو آهي، وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڻي ۾ واڌ بابت ڳالهايو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جيالن کي ڀيٽا تحسين پيش ڪريان ٿو، جن دهشتگاردن جو مقابلو ڪيو ۽ نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست آڏو ڄمي بيٺا رهيا، پهريون ڀيرو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالا ميئر چونڊيا ويا آهن، نفرت پکيڙيندڙ سياستدانن کي عوام سڃاڻي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.