ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻن وزيراعظمن اربين رپين جا اعلان ته ڪيا پر فنڊ جاري نه ٿيا، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اها پارٽي آهي جنهن ڪراچي لاءِ منصوبابندي به ڪئي ۽ منصوبا مڪمل به ڪيا.
وڏي وزير اربع ڏينهن نئين حب ڪينال جي افتتاحي تقريب ۾ آزادي ڏهاڙي تي ڪراچي لاءِ هڪ وڏو تحفو قرار ڌيندي چيو ته نئون ڪينال شهر کي روزانو اضافي 100 ملين گيلن (ايم جي ڊي) پاڻي فراهم ڪندو، جيڪو پراڻي ڪينال جي اڳوڻي گنجائش کان ٻيڻو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته پراڻو ڪينال اثرائتي نموني سان 60 ايم جي ڊي به نه پهچائي سگهندو هو، پر نئين انفراسٽرڪچر سان اها کوٽ پوري ٿيندي، منصوبي کي ڄاڻايل وقت ۽ بجيٽ ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ ڪنهن به اضافي خرچ کان سواءِ تيار ڪيو ويو آهي.
هن اعلان ڪيو ته پراڻي ڪينال جي بحالي ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي، جنهن سان ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي 140 ايم جي ڊي تائين وڌي ويندي.
وڏي وزير موجب، صوبائي حڪومت وفاق سان سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي جي ڪوٽا ۾ واڌ بابت ڳالهين ۾ مصروف آهي، ڇاڪاڻ ته آبهوا جي تبديلي سبب پاڻي جي دستيابي ۾ بهتري آئي آهي.
منصوبن بابت وڌيڪ ڳالهائيندي مراد شاهه ٻڌايو ته 35 ايم جي ڊي جو واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ سيپٽمبر ۾ مڪمل ٿيندو، جيڪو صنعتن کي پاڻي فراهم ڪندو ۽ گهرن لاءِ پيئڻ جو پاڻي محفوظ رهندو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪي فور منصوبي جي ڪم مان مطمئن نه آهيون، سنڌ جا حق وٺنداسين.
وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي مراد شاهه چيو ته اڳوڻن وزيراعظمن اربين رپين جا اعلان ته ڪيا پر فنڊ جاري نه ٿيا، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اها پارٽي آهي جنهن ڪراچي لاءِ منصوبابندي به ڪئي ۽ منصوبا مڪمل به ڪيا، ان ڪاميابي جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمت عملي ڏانهن وڃي ٿو جنهن وفاق کي سهڪار تي مجبور ڪيو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته 20 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ واڌو پاڻي اچي رهيو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته واعدو ڪيو هو ته 14 آگسٽ تائين ڪم مڪمل ڪيو ويندو، هاڻي دسمبر تائين پراڻي ڪينال جي مرمت مڪمل ڪنداسين.
اسان پنهنجو واعدو پاڙيو، ويهه سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ واڌو پاڻي اچي رهيو آهي: وڏو وزير
You might also like