اسلام آباد (م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجوده سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته ڪاش! پاڪستان وٽ فيلڊ مارشل عاصممنير جهڙو جمهوريت پسند اڳواڻ به هجي ها .هن سلسلي ۾، سوشل ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته جيئن اڳ چيو هو، بلڪل اهڙيءَ ريت فيلڊ مارشل جي عالمي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي۔ ڀارت کي جنگ ۾ بدترين شڪست ۽ ٽيـرف جي حوالي سان عالمي شرمساري کان پوءِ فيلڊ مارشل جي هڪ ٻي بين الاقوامي ڪاميابي سامهون آئي آهي، جنهن تحت ڀارت جي سرپرستي هيٺ بي ايل اي (بلوچ لبريشن آرمي) ۽ مجيد بريگيڊ کي آمريڪا عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن جو مطلب آهي ته هڪ طريقي سان ڀارت پاڻ ئي دهشتگرد آهي. سابق وفاقي وزير چيو ته، "فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي صلاحيتن کي عالمي سطح تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪاش پاڪستان وٽ فيلڊ مارشل جهڙو جمهوريت پسند اڳواڻ هجي ها۔ نه اڳ ڪو ليڊر هو، نه هاڻ آهي ۽ نه ئي اڳتي ڪو نظر اچي ٿو۔ هاڻ ڏسون ته ان کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟”