وڏيري ۽ پوليس، ستايل نينگري کي نيٺ زھر کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو!

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي )شڪارپور ۾ پوليس ۽ ڀوتارڪي راڄ جي ظلمن جي ستايل نينگري قانون ۽ انصاف جا در بند ڏسي زھر کائي ڇڏيو، علينا بروھي سان ڳوٺ پير بخش بروھي ۾ چار مھينا اڳ وڏيري سراج بروھي جي ڀاءُ عبدالجبار بروھي پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي ھئي، ڪيس تان ھٿ نه کڻڻ تان ڪجھه ڏينھن اڳ حملو ڪري کيس زخمي به ڪيو ويو، جوابدارن پئسي جي زور تي نينگري جي پيءُ ۽ خاندان جي ماڻھن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪرايا، ڪيسن  تان ھٿ نه کڻڻ تان بااثر کين ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي گھر تي به قبضو ڪيو، نينگري خاندان سميت دربدري واري زندگي گهارڻ، ڪورٽ ۽ ٿاڻي جي چڪرن کان بيزار ٿي نيٺ زھر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽي ڏينھن اڳ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڊاڪٽر مطابق نينگري کي  طبي امداد بعد وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، سندس علاج ھلندڙ آھي،ٻي پاسي نينگري جي والده گل بخت بروھي ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه مھينا اڳ ڳوٺ جي وڏيري سراج بروھي جي ڀاءُ عبدالجبار بروھي منھنجي نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ھئي، اسان ڪيس داخل ڪرايو، جوابدار ضمانت ورتي، بعد ۾ ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ منھنجي مڙس مٿان ڪورٽ معرفت ڪيس داخل ڪرايو، پوءِ به اسان ڪيس تان ھٿ نه کنيو ته اسان مٿان حملو ڪري علينا کي زخمي ڪيو، جيڪو به ڪيس داخل آھي، پر پوليس بااثر جوابدار گرفتار نه ڪيا، الٽو پوليس اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪيس تان ھٿ نه کنيو ته اوھان عورتن کي جيل موڪلينداسين، اي ايس پي پارس بکراڻي ڏي پوليس زبردستي کڻي وڃي بيان ڏياريو ته اسان ٺھي ويا آھيون، پوليس جج وٽ پيش ٿيڻ نٿي ڏئي، پوليس جو زور آھي ته ڪيس تان ھٿ کڻو پر اسان ڪيس تان ھٿ نه کڻنداسين، تڪليفن بعد ڌيءُ بيزار ٿي گھر ۾ پيل زھريلي دوا کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي، مون وٽ علاج جا پيسا به ڪونھن، اسان غريب آھيون، وڏيري ۽ سندس ڀائرن زندگي زھر ڪري چڏي آھي، ڪير به مدد ڪرڻ وارو ڪونھي، نينگري جي ماءُ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

انصاف جي اميد نظر نه آئي، ان ڪري انتھائي قدم کنيو: علينا

شڪارپور: آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ نينگري علينا روئيندي ٻڌايو ته پلي پٽڻ دوران جوابدار عبدالجبار بروھي ھٿ ٻانھون ٻڌي زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي وارثن بچايو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو ھو، جنهن بعد وڏيري سراج بروھي ۽ ان جي ڀائرن ناجائزي به اسان سان ڪئي، پوليس انھن سان ٻڌل آھي، پوليس ڌمڪيون ڏئي ٿي ته ڪيس تان ھٿ کڻو، نه ته اوھان کي جيل موڪلينداسين، هن چيو ته ڪورٽ ۽ ٿاڻن جا چڪر ڏئي ٿڪجي پياسين، ڪير به اسان جي دانھن نه پيو ٻڌي ، انصاف جي اميد نظر نه آئي، ان ڪري  زھر وارو انتھائي قدم کنيو، جج صاحبان وٽ جيڪو پٽيشن داخل ڪري ان تي حڪم ملي ٿو  ته ڪيس داخل ڪيو پوليس ڪيس جي جاچ به نٿي ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ اسان وڏيون تڪليفون ڪاٽيون آھن، ھن دانھيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل آھي ته اسان مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ڊاڪٽرن پيسا وٺي ڌڪن جو سرٽيفيڪث جاري نه ڪيو آھي: وڏيرو

شڪارپور: عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي ڳوٺ جي وڏيري سراج بروھي چيو ته علينا بروھي جي معاملي تي  برادري جي ماڻھن سان مسئلو ھلندڙ آھي، ڊاڪٽرن پيسا وٺي ڌڪن جو سرٽيفيڪث جاري نه ڪيو آھي، جنھن ۾ ٽي ڊاڪٽر ھڪ ڪلارڪ ڊي ايچ او ضمانت تي آھن.

نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار ضمانت تي آھي: جاچ آفيسر

شڪارپور: علينا ڪيس جي جاچ ڪندڙ جاچ آفيسر نديم سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تهنينگري ۽ سندس والده کي پوليس هراسان نه پئي ڪري، نه ئي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ مٿن ڪو دٻاءُ وڌو پيو وڃي، نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار زيادتي جي ڪوشش واري ڪيس ۾ ضمانت تي آھي، حملي ۽ ڦر واري ڪيس ۾ جوابدار روپوش آھن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

وڏيري جي ڀاءُ سميت 7 جوابدار حملي ڪيس ۾ روپورش

شڪارپور: مبينا زيادتي جي ڪوشش بعد زھر کائيندڙ نينگري جو ڪيس ڪرن ٿاڻي تي  گناھ نمبر  1/2025تي  جوابدار عبدالجبار بروھي ۽ ٻين مٿان داخل ڪيو ويو، جوابدارن ڪورٽ کان واپسي تي علينا مٿان حملو ڪيو، جنھن ۾ ھو زخمي ٿي ھئي، سندس والده جي فرياد تي حملي ۽ ڦر جو ڪيس ڪرن ٿاڻي ۾ گناھ نمبر 25/2025 عبدالجبار بروھي سميت ست جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو،

جنھن ۾ زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار سميت ست جوابدار روپوش  آھن.

علينا ۽ وڏيري جي ڌر جا هڪٻئي تي پنج ڪيس، نينگري جو خاندان دربدر

شڪارپور: ڪرن ٿاڻي تي نينگري علينا جي ڌر جا ٽي ڪيس ڳوٺ جي وڏيري سميت ٻين جوابدارن مٿان داخل ٿيل آھن جڏھن ته جوابدار ڌر سراج بروھي طرفان ٻه ڪيس ھڪ جھيڙي جو ۽ ھڪ ڊاڪٽرن مٿان سرٽيفيڪٽ جاري نه ڪرڻ جا  ٻه ڪيس ڪرن ٿاڻي تي  داخل ٿيل آھن، ٻنھي ڌرين جا  ھڪ ٻئي مٿان ڪل پنج ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

وڏيري ڊي ايڇ او سميت ڊاڪٽرن تي به ڪيس ڪرائي ڇڏيو

شڪارپور: علينا واقعي بعد نينگري جي والد سميت ڊاڪٽرن مٿان به جوابدار ڌر طرفان ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، وڏيري سراج بروھي ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾  30/03/2025 تي جھيڙي جي پٽيشن داخل ڪئي، 4/05/2025 تي عدالت فيصلو ڏنو، عدالت جي حڪم تي نينگري جي پيءُ سميت 6 سڃاتل ۽ ٽن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان ڪرن ٿاڻي تي ڳوٿ جي وڏيري سراج بروھي جي فرياد تي جھيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، عوامي آواز کي مليل معلومات موجب نينگري علينا جي گھر ڀاتين مٿان جھيڙي جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ  وڏيري سراج بروھي ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ نه ملڻ تي ڊي ايڇ او نادر پنھور، ڊاڪٽر نور محمد شاھ، ڊاڪٽر شام لعل ۽ سول اسپتال جي ڪلارڪ ظاھر حسين شاھ مٿان ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جي حڪم تي قلم 420/406/34 پي پي سي تحت فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو، جنھن ۾ ڊاڪٽر ۽ ڪلارڪ، ڊي ايڇ او ضمانت تي آھن، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته ڊي ايڇ او ۽ ٻين ھم صلاح ٿي ڌڪن جو سرٽيفيڪث جاري ناھي ڪيو،

ڌڪ ئي لڳل نه ھوندو ته ڪيئن سرٽيفيڪٽ جاري ڪنداسين: ڊي ايڇ او

شڪارپور: ڊي ايڇ او نادر پنھور رابطي ڪرڻ تي عوامي آواز کي ٻڌايو ته مان اڄ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿي ڪري ويھن ھزارنجي بانڊن عيوض ضمانت ڪرائي آھي، آئون فريادي سراج بروھي کي سڃاڻان به ڪونه ٿو، حيرت جھڙي ڳالھه آھي ته ڊي ايڇ او ٻھراڙي ۾ وڃي پيسا وٺندو؟ ھن چيو ته بروھي برادري جو پاڻ ۾ مسئلو آھي، وچ ۾ ٻين مٿان ڪيس ڪري پريشان ڪري رھيا آھن، هن چيو ته نئين قانون تحت ھائير ڪميشن جي اجازت کانسواءَ اسان مٿان ڪيس نٿو ٺھي، ڪنھن کي  سرٽيفيڪٽ تي اعتراض آھي ته ھو بورڊ ۾ وڃي ۽ پراپر انڪوائري ۾ اچي پر ھي ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آھي، ڪنھن کي ڌڪ نه ھوندو ته ڊاڪٽر ڪوڙو سرٽيفيڪٽ جاري نه ڪندو، عدالت مان انصاف جي اميد آھي، ھن وڌيڪ چيو ته افسوس آھي جو ماڻھو پنھنجن ذاتي معاملن ۾ آفيسرن تي به پٽيشنون ڪري کين پريشان ڪن ٿا، ھن چيو ته ھڪ ڊاڪٽر ريٽائر ٿي چڪو آھي، ان جي صحت به ٺيڪ ناھي، ان باوجود ھو حاضريون ڏئي رھيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.